ايشيا ڪپ 2023: افغانستان جي ٽيم پاڪستان پهچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ايشيا ڪپ 2023 ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان پهچي وئي.
افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم ڪولمبو کان لاهور پهتي، مهمان رانديگرن کي سخت سيڪيورٽي ۾ هوٽل پهچايو ويو.
واضح رهي ته ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستان پهچندڙ ٽيمن کي صدارتي پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي.
افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم سڀاڻي کان قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ پريڪٽس جي شروعات ڪندي، ان جو پهريون مقابلو بنگلاديش سان 3 سيپٽمبر تي ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.