سون جي اگهه ۾ اڄ به لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن سون جي اگهه ۾ لاٿ سامهون آئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1500 رپيا لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 33 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 1286 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ هڪ لک 99 هزار 760 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر هڪ ڊالر واڌ سان 1915 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.