ڀارتي ماڊل ۽ اداڪارا راکي ساونت عرف فاطمه عمري جي سعادت ماڻي ورتي.
انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪعبت الله شريف جي طواف دوران راکي جي وڊيو شيئر ڪندي مداحن کي عمري جي ادائيگي جو اطلاع ڏنو ويو.
View this post on Instagram
واضح رهي ته ان کان اڳ راکي هڪ وڊيو جاري ڪئي هئي، جنهن ۾ کيس مسجد نبوي صه جي دَر تي ڏٺو ويو هو.
ڪجهه مهينا اڳ راکي، عادل دراني سان نڪاح جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندي پنهنجي شادي جو اعلان ڪيو هو، گڏوگڏ هن ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيڻ جي وڊيو به شيئر ڪئي هئي ۽ نالو فاطمه رکيو هو.