سرڪاري ملازم ساليانو ڪيتري مفت بجلي استعمال ڪن ٿا؟ دستاويز ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سرڪاري ملازمن طرفان ساليانو 34 ڪروڙ يونٽ مفت بجلي استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ذريعن موجب پاور ڊويزن 17هين کان 21هين گريڊ تائين سرڪاري آفيسرن جي مفت بجلي جي خاتمي جي تجويز جو ڏٽو ڏئي وڏي واردات لڪائي ورتي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 15 هزار ملازمن جي مفت بجلي ختم ڪرڻ سان وڏو فرق نه پوندو پر ٽيرف ۾ وڏي فرق لاءِ سڀني ملازمن جي مفت بجلي سهولت ختم ڪرڻ ضروري آهي.
دستاويز ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته 17هين کان 21هين گريڊ جا 15 هزار 971 ملازم ماهوار 70 لک يونٽن تائين مفت بجلي استعمال ڪن ٿا.
ان جي ڀيٽ ۾ هڪ کان 16هين گريڊ تائين جا ملازم 33 ڪروڙ يونٽ ماهوار مفت بجلي استعمال ڪري رهيا آهن، جن جو انگ هڪ لک 73 هزار 200 آهي، اهي سرڪاري ملازم ساليانو 10 ارب رپين جي مفت بجلي استعمال ڪن ٿا.
دستاويز موجب گريڊ 17 کان 21 جا ملازم ساليانو هڪ ارب 25 ڪروڙ رپين جي بجلي مفت استعمال ڪن ٿا، جڏهن ته گريڊ هڪ کان 16 جا ملازم ماهوار 76 ڪروڙ 73 لک رپين جي مفت بجلي استعمال ڪن ٿا.
توانائي وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته گريڊ 17 کان 21 تائين ملازمن جي مفت بجلي ختم ڪرڻ سان ماهوار 19 ڪروڙ رپين جي بچت ٿيندي، مفت بجلي يونٽ ختم ڪري مخصوص رقم پگهار ۾ شامل ڪرڻ سان اهو فرق اڃا گهٽجي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.