ڪنڌڪوٽ: ايس يو پي جو مغوين جي بازيابي ۽ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.
دلمراد ڏاھاڻي، شاھنواز مرھٽو ، حاجي الطاف بنگوار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري مغوين جي بازيابي لاءِ نعريبازي ڪئي وئي.
ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوري ضلعي ۾ بدامني عروج تي آهي ڏينهن خالي ناهي جنهن ڏينهن ڪو ماڻهو اغوا نه ٿيو ھجي، بدامني سبب ڪاروبار تباھ ٿي ويو آهي ڏينهن ڏٺي جو ماڻهن کان ڦرون ٿين پيون ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري رهيا آهن.
احتجاج ڪندڙن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ کان امجد شِخ کان مطالبو ڪيو ته مغوين کي بازياب ڪرائي امن بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.