ميهڙ: جسم پاران جان محمد مهر جي قتل ۽ راڻيپور واقعي ۽ سنڌ جي مئسلن خلاف احتجاجي ريلي

ميهڙ ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران جان محمد جي قتل، راڻيپور واقعي، سنڌ جي وسيلن تي قبضي ۽ وڪري خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
ميھڙ جي گھنٽا گھر چوڪ کان نيشنل پريس پريس ڪلب ميھڙ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
وائيس چيئرمين فيض الله جوڻيجو،آزاد قاضي ، لياقت کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.
ان موقعي تي اڳواڻن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد صحافي جان محمد مهر سنڌ جو شعور ھو قبيلائي تڪرار پيدا ڪري سنڌ جي شعور کي ماريو پيو وڃي سرڪار صحافين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آھي جان محمد مهر جي اصل قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.
هنن چيو ته راڻيپور واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمتڪريون ٿا نياڻي جي قاتلن کي سخت سزا ڏني وڃي.
احتجاج ڪندڙن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري توڙي سنڌ جي وسيلن تي قبضا ۽ ڪارونجھر جي ڪٽائي ڪڏھن به برداشت نه ڪنداسين سنڌ کي پنھنجا بنيادي حق ڏنا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.