ملير: فاطما ڦرڙو ۽ شهيد جان محمد مهر جي قتل خلاف سجاڳ ٻار تحريڪ جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو

ملير ۾ فاطمه ڦرڙو ۽ صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف سجاڳ ٻار تحريڪ جي سڏ تي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ذوهيب ڪلمتي ، جيرام ، دعا ملاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پپري گرائونڊ کان ملير پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن سان جسماني تشدد، اغوائن، بدفعلين ۽ بيدردي سان قتل ڪرڻ وارن واقعن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، ٻارڙن جي تحفظ لاءِ ٺاهيل ادارا پنهنجو فرض نڀائڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيا آھن.
هنن چيو ته سکر جي سينيئر صحافي جان محمد مهر کي پيشي سان ايمانداري جي ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو. سنڌ واسين جو هر آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ کي ايماندار صحافين لاءِ مقتل گاهه بڻايو ويو آهي.
احجتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته نياڻي فاطمه ۽ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي سخت کان سخت سزا ڏئي سندن خون سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.