سرگوڌي ۾ توهين مذهب جي الزام ۾ ٻه ڄڻا گرفتار

سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) سرگوڌا ۾ توهين مذهب جي الزام ۾ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) فيصل ڪامران موجب ٻنهي ڄڻن کي چڪ 36 ۽ 37 ڏکڻ مان گرفتار ڪيو ويو.
هن ٻڌايو ته سرگوڌا پوليس جاچ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو، جوابدارن ٻن الڳ الڳ جاين تي اهي سنگين واقعا ڪيا هئا.
سندس چوڻ هو ته جوابدارن کان هر رُخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، سڀني ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.