عورتون وڌيڪ بي وفا ۽ پلاند وٺڻ ۾ دير ناهن ڪنديون!

آسٽريليا جي ريسرچرز اينڊ فيڊريشن يونيورسٽي طرفان مطالعي دوران مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن کي وڌيڪ دوکيباز ڏٺو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب محققن طرفان مطالعي جي وضاحت پلاند وٺڻ ۽ ساٿي کي ڄاڻي واڻي نقصان پهچائڻ سان ڪئي وئي آهي، غور هيٺ مطالعي لاءِ 18 کان 67 ورهين جي عمر جي 240 عورتن جو مشاهدو ڪيو ويو.
تحقيق ۾ شامل عورتن کان ڊارڪ ٽيٽراڊ خاصيتن جهڙوڪ جسماني، جذباتي ۽ بي وفائي جي عملن تي تاريخ جو جائزو وٺندي سوالن جا جواب ورتا ويا.
واضح رهي ته ڊارڪ ٽيٽراڊ 4 شخصي خاصيتن (پاڻ سان محبت، دماغي مرض، منافقت ۽ پنهنجي راحت لاءِ ٻين کي اذيت پهچائڻ) جهڙن عملن جو مجموعو آهي.
مطالعي دوران انڪشاف ٿيو ته مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن ۾ پنهنجي ساٿي کي نقصان پهچائڻ لاءِ پلاند وٺڻ جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي.
محققن موجب نتيجا واضح ڪن ٿا ته عورتن طرفان ڪيل بي وفائي جا سبب مختلف ٿي سگهن ٿا، مثال طور ڪو دماغي مرض، ٻين کي تڪليف پهچائڻ سان لطف اندوز ٿيڻ واري ڪيفيت ۽ پنهنجي ذات سان محبت انتقامي دوکي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
سماجي ۽ ثقافتي اميدون، برو ورتاءُ، نظرانداز ڪرڻ جا تجربا به انهن عملن ۾ شامل ٿي سگهن ٿا.
هڪ پاسي اهو مطالعو مردن کي اهڙي قسم جي حالتن ۾ عورتن جي قدمن پويان لڪل ڪارڻ سمهڻ ۾ مدد ۽ کين امڪاني نقصان کان پاڻ کي محفوظ رکڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو ته ٻئي پاسي مطالعو ان پراڻي تصور کي به چئلينج ڪري ٿو ته رڳو مرد ئي بي وفا هوندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.