لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ڀارت ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان ٽيم جي نئين ڪٽ تيار ڪري ورتي.
پي سي بي سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 لاءِ پاڪستان ٽيم جي نئين ڪٽ جي وڊيو جو ٽيزر به جاري ڪيو ويو.
ذريعن موجب پي سي بي طرفان ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان ٽيم جي نئين ڪٽ جي رونمائي سڀاڻي ڪئي ويندي، پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي چيئرمين ذڪا اشرف تقريب جو خاص مهمان هوندو.
Gear up Pakistan cricket fans!
Are you ready for the big reveal tomorrow❓#WearYourPassion pic.twitter.com/iR5ZMSKkah
— Pakistan Cricket (@TheRealPCB) August 27, 2023
ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم جي ورلڊ ڪپ لاءِ تيار ڪيل ڪٽ جي رونمائي تقريب لاهور ۾ ٿيندي.
واضح رهي ته ڀارت ۾ شيڊيول عالمي ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم پنهنجي پهرين ميچ 6 آڪٽوبر تي نيڌرلينڊز خلاف کيڏندي.