هاڻ واٽس ايپ ۾ ايڇ ڊي وڊيوز موڪلڻ ممڪن، طريقو ڄاڻيو؟

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ High-definition (ايڇ ڊي) وڊيوز سپورٽ جو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته 17 آگسٽ تي واٽس ايپ ۾ ايڇ ڊي تصوير سپورٽ فراهم ڪئي وئي هئي.

ان موقعي تي ڪمپني واعدو ڪيو هو ته جلد ايڇ ڊي وڊيوز لاءِ سپورٽ به فراهم ڪئي ويندي.

هاڻ ايڇ ڊي فوٽوز سان گڏوگڏ وڊيوز کي به واٽس ايپ تي موڪلڻ ممڪن ٿي ويو آهي.

اهو فيچر اينڊرائڊ ۽ آءِ او ايس ڊوائسز لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين سمورن واهپيدارن کي دستياب هوندو.

ان نئين فيچر ذريعي واهپيدار واٽس ايپ تي 720p ريزولوشن واريون وڊيوز پنهنجن دوستن سان شيئر ڪري سگھنداسين.

ان کان اڳ 480p وڊيوز کي ئي موڪلڻ ممڪن هو.

ان فيچر جي آزمائش ڪيترن ئي مهينن کان واٽس ايپ جي بيٽا ورجن ۾ ڪئي پئي وئي ۽ هاڻ وڃي ان کي سڀني واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.

ان فيچر کي ڪيئن استعمال ڪجي؟

ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ ان وڊيو کي سليڪٽ ڪريو جنهن جنهن کي اوهان شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ اسڪرين تي مٿي ايڊٽنگ ٽولز ۾ ايڇ ڊي جي آپشن تي ڪلڪ ڪريو.

جڏهن اوهان ان ايڇ ڊي بٽڻ تي ڪلڪ ڪندئو ته هڪ نئون پوپ اپ وندو کُلي ويندو جتي اوهان وڊيو ڪوالٽي سليڪٽ ڪري سگھندا.

واٽس ايپ ۾ ٻاءِ ڊفالت ايڇ ڊي ڪوالٽي جو آپشن به هوندو.

جڏهن ڪو واهپيدار ايڇ ڊي ڪوالٽي کي سليڪٽ ڪري وڊيو موڪليندو ته ان ۾ ايڇ ڊي ليبل به کٻي پاسو ڪنڊ ۾ هيٺ نظر ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.