ڀوري رنگ سبب ڏچي ۾ پئجي ويس: مومنه اقبال 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اڀرندڙ اداڪارا مومنه اقبال انڪشاف ڪيو آهي ته کيس پنهنجي ڀوري رنگ سبب انڊسٽري ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.

اداڪارا مومنه اقبال خانگي ٽي وي جي شو ۾ ڳالهائيندي ٻڌايو ته هن بي ڪام ڪرڻ کان پوءِ اداڪاري جي شعبي ۾ پير رکيو، شوبز انڊسٽري ۾ قدم رکندي ئي خوش قسمتي سان کيس مرڪزي ڪردار جي آڇ ٿي هئي.

اداڪارا چيو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ ئي مرڪزي ڪردار جي آڇ ٿيڻ سبب سينيئر اداڪارن طرفان ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، سڀني جو سوال هو ته مون کي اهو ڪردار ايترو جلدي ڪيئن مليو.

مومنه اقبال ڪيريئر جي شروعات ۾ پيش آيل ڏکيائين بابت وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته مون کي پنهنجي ڀوري رنگ سبب به ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو پر اداڪرا کي رنگ بابت ڪهڙي قسم جون ڏکيايون پيش آيون ان بابت وضاحت نه ڪيائين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.