اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينيئر سرڪاري آفيسرن جا موبائيل فون هيڪ ڪرڻ ۽ حساس ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش وائکي ٿي وئي.
وزيرِ اعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، سرڪاري عهديدارن جي نالي تي آفيسرن ۽ بيورو ڪريسي ذريعي حساس معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته واٽس ايپ تي موبائيل هيڪنگ لنڪ اُماڻي معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
پڌرائي موجب، حڪومت سرڪاري آفيسرن کي هوشيار رهڻ ۽ اهڙي قسم جي ڪنهن به پيغام جو جواب نه ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.
آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهڙو پيغام ملڻ تي ڪابينا ڊويزن کي اطلاع ڏنو وڃي.
پڌرائي موجب، سيڪيورٽي ادارا ان معاملي تي مڪمل طور الرٽ آهن.