نوان جتوئي ۾ 10 ورهين جي نينگري سان مبينا زيادتي جو انڪشاف

نوشهرو فيروز (ويب ڊيسڪ) نوجواني جتوئي جي ڳوٺ علي بخش کوسو ۾ 10 ورهين جي نينگري سان مبينا زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي.

نينگري جي ماءُ ڪونچ کوسو ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته امام بخش کوسي معصوم نياڻي سان 4 ڏينهن اڳ زيادتي ڪئي آهي، ٿاڻي تي شڪايت ڪرڻ باوجود جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي.

نينگري جي ماءُ ۽ پيءُ مبارڪ کوسي چيو ته جوابدار ڌمڪيون ڏياري رهيو آهي، ڪو به مدد ناهي ڪري رهيو.

هنن ايس ايس پي نوشهرو فيروز کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.