ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شرلن چوپڙا ڀارت جي بولڊ اداڪارائن مان هڪ آهي، جنهن تي ڀارتي اداڪارا راکي ساونت جسم فروشي جا الزام لڳايا هئا.
شرلن چوپڙا ان کان اڳ اعتراض جوڳيون وڊيوز ۽ فوٽو شوٽ به ڪرايا هئا.
جنهن تي راکي ساونت مٿس ڳنڀير الزام لڳائيندي چيو هو ته هو جسم فروش آهي ۽ اهڙو ڪاروبار ڪندي آهي.
شرلن چوپڙا به راکي ساونت کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي الزام هنيا هئا پر بعد ۾ ٻنهي ٺاهه ٿي ويو هو.
ٻنهي هڪ ٻئي ڀيڻ ڪري معاملي کي ختم ڪري ڇڏيو پر ڪجهه وقت اڳ شرلن چوپڙا پاڻ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته هو حقيقت ۾ جسم فروشي ۾ ملوث رهي آهي.
شرلن چوپڙا جو اصل نالو مونا چوپڙا آهي ۽ هو پهرين ڀارتي ماڊل آهي جنهن پلي بواءِ رسالي لاءِ اعتراض جوڳو فوٽو شوٽ ڪرايو هو.
اداڪارا هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته هن ڪيترن ئي مردن سان پئسن لاءِ جسماني لاڳاپا رکيا آهن، هن چيو ته هو ماضي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سان پئسن لاءِ لاڳاپا رکي چڪي آهي پر هاڻي هو معذرت ڪري ٿي، ڇو ته هاڻي پيسن لاءِ اهو ڪم ناهي ڪندي.
36 ورهين جي شرلن چوپڙا جو اهو بيان ٻيهر وائرل ٿيو ۽ ان وچ ۾ سياستدانن جا نالا به ورتا ويا.
شرلن کان جڏهن پڇيو ويو ته سندس ڪنهن سياستدان سان لاڳاپا هئا ته تنهن جي جواب ۾ هن چيو ته هن جا جنهن سياستدان جي پٽ سان لاڳاپا هئا اهو اڄ پاڻ سياستدان بڻجي ويو آهي.
سندس چون هو ته هن جا ساڻس رابطا هئا ۽ هو لاڳاپا رکڻ تي کيس قيمتي تحفا ڏيندو هو.
هن معاملي ۾ راکي ساونت جا هنيل الزام درست ثابت ٿي رهيا آهن ۽ بالي ووڊ ۾ ٻيون ڪيتريون اداڪارائون اهڙن ڪمن ۾ ملوث آهن؟ اهو سوال به سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران ڪيو ويو.
خيال رهي ته بالي ووڊ ۾ نه رڳو ڀارتي پر ڪينيڊا ۽ مراڪشي اداڪارائون به آکيرا اڏي ويٺيون آهن.
سني ليون ڪينيڊين آهي جيڪا ڀارت ۾ اچڻ بعد مقبول ڊانسر بڻي آهي ۽ ان کان اڳ اعتراض جوڳي انڊسٽري ۾ ڪم ڪري چڪي آهي.