ڇا واقعي شاهه رخ خان جو چنڊ تي پلاٽ آهي؟

ڇا اوهان کي خبر آهي ته بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان چنڊ تي به پلاٽ جو مالڪ آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب فلم نگري جي بادشاهه شاهه رخ خان ۽ آنجهاني اداڪار سشانت سنگهه راجپورت جو به چنڊ تي پلاٽ آهي.

شاهه رخ چنڊ تي پلاٽ جو ئي مالڪ ناهي اتي هن جي نالي سان هڪ کڏو به آهي، هر سال سندس سالگرهه تي چنڊ جو ڪجهه حصو خريد ڪيو ويندو اهي.

ميڊيا رپورٽن موجب چنڊ تي ايراضي جي رجسٽري دستاويز موجب شاهه رخ خان جو چنڊ تي پلاٽ آهي جيڪو کيس تحفي طور مليو آهي، اداڪار جي آسٽريلوي مداح سندس هر جنم ڏڻ تي چنڊ جو ننڍ ٽڪرو خريد ڪري تحفي ۾ ڏيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.