پيوٽن گوڏا کوڙي ڇڏيا؟ يوڪرين جنگ ختم ڪرڻ تي راضي       

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن برڪس اجلاس کي خطاب ڪندي يوڪرين جنگ جي خاتمي جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان جنگ جو اصل ذميوار اولهه ملڪن کي قرار ڏنو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب روسي صدر ڏکڻ آفريقا ۾ ماري برڪس ملڪن جي سربراهي اجلاس کي خطاب ۾ اولهه ملڪن تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته اولهه ملڪ ۽ سندن اتحادي ئي هئا جن يوڪرين جنگ مڙهي.

روسي صدر پهريون ڀيرو ڪنهن عالمي سطح جي اجلاس ۾ چيو ته اسان يوڪرين جنگ کي هاڻ ختم ڪرڻ چاهيون ٿا پر هن اهو نه ٻڌايو ته هو ڪهڙن شرطن تي ائين ڪرڻ چاهي ٿو.

روسي صدر جي يوڪرين جنگ جي خاتمي جو اشارو ان اڳڀرائي کان پوءِ سامهون آيو آهي جنهن وقت ڊنمارڪ ۽ هالينڊ يوڪرين جي صدر والاديمير زيلنسڪي کي ايف-16 جهاز فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.