25 نين دوائن جا اگهه مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) 25 نين دوائن جا اگهه مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جن ۾ انجيڪشن، گوريون، ان هيلر، سيرپ شامل آهن.
حڪومت 25 نين دوائن جي وڌ کان وڌ قيمت مقرر ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ ڊريپ 25 نين دوائن جا اگهه مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
ڊريپ ذريعن موجب 25 دوائن ۾ انجيڪشن، گوريون، ان هيلر، سيرپ شامل آهن، نئين سالٽ، فارموليشن، اسٽرنٿ وارين دوائن جا اگهه مقرر ڪيا ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڦڦڙ، ڇاتي جي ڪينسر، اينٽي الرجڪ گوري، محلول جي قيمت، اينٽي بائيو ٽڪ محلول، ان هيلر، سور ختم ڪندڙ گوري، انجيڪشن جي قيمت مقرر ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ شگر، رت جي ڪينسر جي گوري، سنڌن جي سور جي انجيڪشن، مليريا جي گوري، هيپاٽائٽس بي انجيڪشن، پيٽ جي جيتن جي انجيڪشن، بلڊ پريشر جي گوري، رت جون رڳون کولڻ واري گوري جي قيمت مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.