هتي دانهن ڏيو: آءِ جي سنڌ سڌي ريت واٽس نمبر جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نه رڳو سنڌ پوليس جي ملازمن پر شهرين لاءِ به سٺي خبر آهي ته آءِ جي سنڌ سڌي ريت واٽس ايپ نمبر جاري ڪري ڇڏيو.
سنڌ پوليس جي ترجمان موجب پوليس کاتي جي ملازمن کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو ته اهي محڪماڻي سطح تي ويلفيئر بابت يا پيش ٻين مسئلن ۽ ڏکيائين جي سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ رفعت مختار سان موبائل نمبر 03008753359 تي سڌي ريت واٽس ايپ رابطو ڪري سگهن ٿا.
ان نمبر تي ايندڙ شڪايتن جي ازالي لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور هدايتون جاري ڪيون وينديون.
شهرين کي به آگاهه ڪيو وڃي ٿو ته اهي پوليس بابت شڪايتون يا ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڄاڻايل نمبر تي واٽس ايپ ڪري سگهن ٿا، جنهن جو وقت تي ريسپانس ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.