اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انٽرميڊئيٽ جي سالياني نتيجن جو اعلان ڪيو ويو، سموريون پوزيشنون شاگردياڻين جي نانءِ رهيون، يارهين ۾ ڪاميابيءَ جي شرح 96.24 سيڪڙو ۽ ٻارهين ۾ 84 سيڪڙو رهي.
وفاقي تعليمي بورڊ طرفان انٽرميڊئيٽ جي سالياني نتيجن جو اعلان ڪيو ويو، تعليم واري نگران وزير مدد علي سنڌي بٽڻ دٻائي نتيجن جو اعلان ڪيو.
تعليمي بورڊ جي چيئرمين ٻڌايو ته يارهين درجي ۾ ڪاميابي جي شرح 96.4 سيڪڙو ۽ ٻارهين ۾ اها شرح 84 سيڪڙو رهي.
سڀني گروپن ۾ شاگردياڻيون گوءِ کڻي ويون، پري ميڊيڪل جي شاگردياڻي ايشال شاهه نور فاطمه پهرين، هانيه فاطمه ٻي ۽ ردا ملڪ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.
پري انجنيئرنگ گروپ ۾ عشبه فاطمه پهرين، عائشه ظفر ٻي ۽ زويا احمد ٽين، جڏهن ته سائنس جنرل گروپ جي حرا عارف پهرين، ماهه نور تارڙ ٻي ۽ عماره امين ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.