ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور ڊائريڪٽر ڪرن جوهر ڪجهه ڏينهن اڳ ٽوئيٽر ذريعي مداحن کي چيو هو ته هن کي ڪنگنا رناوت جي نئين ايندر فلم جو بي صبري سان انتظار آهي، جنهن تي ڪنگنا رناوت جو چوڻ هو ته گذريل ڀيري جڏهن ڪرن جوهر منهنجي فلم ڏسڻ انتظار ۾ هو ته منهنجي ڪردار ڪشي لاءِ بدترين مهم شروع ٿي وئي هئي.
ڪرن جوهر ۽ ڪنگنا رناوت بالي ووڊ رائيولز جي طور تي سڃاتا ويندا آهن.
هڪ پاسي ڪرن جوهر فلم اسٽار جي ٻارن کي پنهنجين فلمن ۾ پروموٽ ڪندو آهي، اتي ڪنگنا روناوت بالي ووڊ ۾ پنهنجا نواز جي خلاف بيان ڏيندي نظر ايندي آهي.
ڪرن جو چوڻ هو ته هو ته ڪنگنا جي فلم جو انتظار ڪري رهيا آهيون، ڪرن جي بيان تي ڪنگنا لاءِ خطرو جو سائرن وڄائي ڇڏيو آهي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته جڏهن آخري ڀيرو ڪرن چيو هو ته هو منهنجي فلم ڏسڻ لاءِ بيتاب آهي ته هن باقاعدا منهنجي ڪردار ڪشي جي مهم شروع ڪئي هئي.
ڪنگنا رناوت جو چوڻ هو ته ڪرن جوهر جي هاڻوڪي بيان کان پوءِ هو ڊنل آهي خبر ناهي هن ڀيري هو ڇا ڪرڻ وارو آهي.