ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيل ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، سندن وارثن واقعي خلاف انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو.
قمبراڻي لاڙي وٽ صبح اٽڪل 4 وڳي ڌاڙيل هڪ اسڪول جي چوڪيدار الله رکئي قمبراڻي ۽ فاروق قمبراڻي کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا.
ڌاڙيل ٻنهي کي کڻي ڪچي ڏانهن فائرنگ ڪندا فرار ٿيا، اطلاع ملڻ تي پوليس به ڌاڙيل جو پيڇو ڪندي ڪچي ڏانهن رواني ٿي وئي.
هوڏانهن مغوين جي وارثن قمبراڻي لاڙي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مغوي نوجوانن جي آزادي جو مطالبو ڪيو.
You might also like