دهشتگردن سان مقابلي ۾ شهيد ٿي ويل سيٺارجا واسي جوان جي فوجي اعزاز سان تدفين

 

سيٺارجا (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ شهادت ماڻيندڙ ڏيپارجا واسي شهيد فوجي جوان جو مڙھه سيٺارجا ۾ اباڻي ڳوٺ پهچائي فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ويو.

سيٺارجا ڀرسان ڳوٺ خير محمد ڏيپر جو رهواسي فوجي جوان شاهنواز ڏيپر دهشتگردن سان مقابلي دوران شهيد ٿي ويو هو، جنهن جو مڙهه اباڻي ڳوٺ آندو ويو، جتي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.

شهيد جي مڙهه کي فوجي اعزاز سان اباڻي قبرستان پير بادل ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.