ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ وياج جي ڪاروبار سان سلهاڙيل ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏيندي آءِ جي ۽ گهرو کاتي کي 26 سيپٽمبر تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وياج جي ڪاروبار جي ورڪٿام بابت اهم ٻڌڻي ٿي، عدالت سڄي صوبي ۾ وياج جي ڪاروبار سان سلهاڙيل ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ ۽ صوبائي گهرو کاتي کي قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏنو ۽ آءِ جي سنڌ کي وياج جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪارروائي جي رپورٽ سميت 26 سيپٽمبر تائين پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
عدالت ٻن مهينن ۾ ”دي سنڌ پروهيبيشن آف انٽرسٽ آن پرائيويٽ لون ايڪٽ“ جا رولز ٺاهڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو.
You might also like