صحافين، ججن سميت سڀني لاءِ پيغام آهي ته ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏيو: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ججن جو ڪم صحافين کان مختلف ناهي، صحافين ۽ ججن سميت هر انسان لاءِ اهو ئي پيغام آهي ته ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏين.
اسلام آباد ۾ تقريب سان خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آئين موجب ڄاڻ تائين پهچ هر شهري جو بنيادي حق آهي، ذميوار صحافت وقت جي اهم ضرورت آهي، ميڊيا جو بنيادي ڪم ماڻهن تائين درست ڄاڻ پهچائڻ آهي.
هن چيو صحافي ان لاءِ ڄاڻ گڏ ڪندا آهن ته صحافين تائين پهچائي سگهن، ان ۾ ڪجهه سٺيون ڳالهيون سامهون اينديون آهن ۽ ڪجهه بريون، بريون ڳالهيون سامهون اچڻ جو فائدو اهو هوندو آهي ته اڳتي لاءِ اهي ڳالهيون رڪجي وينديون آهن، سٺيون ڳالهيون سامهون اچڻ سان ٻين کي سٺو ڪم ڪرڻ جي هٿي ملندي آهي.
سندس چوڻ هو ته ججن جو ڪم صحافين کان مختلف ناهي، اسان ٻئي سچ جي ڳولا ۾ نڪرندا آهيون، جج آئين ۽ قانون جي دائري تحت هلڻ چاهي ٿو، انصاف جي حوالي سان ماڻهن جي مختلف راءِ هوندي آهي پر سچ سچ ئي رهندو آهي، راءِ سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو پر سچ سان ڪو اختلاف نٿو ڪري سگهجي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته رڳو ڪئميرا کڻڻ يا ٽي وي تي اچڻ سان ڪو صحافي ناهي بڻجي ويندو، صحافي اهو هوندو آهي جيڪو تحقيق ڪندو آهي، قرآن پاڪ ۽ ان کان اڳ جي مقدس ڪتابن ۾ به سچ جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي.
هن چيو پاڻ سڳورن صه جن فرمايو ته مومن ڊڄڻو يا ڪنجوس ٿي سگهي ٿو پر ڪوڙو نٿو ٿي سگهي، هڪ شخص اچي پاڻ سڳورن صه جن کان سوال ڪيو ته مان شراب پيئندو آهيان، زنا ڪندو آهيان ۽ ڪوڙ ڳالهائيندو آهيان، توهان خاطر هڪ شئي ڇڏي سگهان ٿو، جواب مليو ته ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏيو.
نامزد چيف جسٽس چيو ته صحافين ۽ ججن سميت هر انسان لاءِ اهو ئي پيغام آهي ته ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏيو، هر موقعي تي رڳو سچ ڳالهايو، ڪوڙ ڳالهائڻ وڏو ڏکيو ڪم آهي، جيڪڏهن توهان ڪوڙ ڳالهائيندا آهيو ته توهان کي ياد رکڻو پوندو آ ته توهان چيو هو، سچ ڳالهائڻ ڏکيو ڪم ناهي، ڇو ته سچ ڳالهائي ياد ناهي ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.