چندريان ٿري جي ڪامياب لينڊنگ، ڀارت چنڊ جي ڏکڻ قطب ۾ پهچندڙ پهريون مُلڪ بڻجي ويو

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جو مشن چندريان ٿري سان چنڊ جي اونداهين حصي ” ڏکڻ قطب “ تي لينڊ ڪرڻ ڪامياب ٿي جنهن سان گڏ ئي ڀارت چنڊ جي اونداهين حصي تي لينڊ ڪندڙ دنيا جو پهريون مُلڪ بڻجي ويوآهي.
ڀارتي اسپيس ايجنسي موجب، چندريان ٿري مشن 14 جولاءِ تي روانو ٿيو هو جيڪو لانچ کانپوءِ ڏهن ڏينهن تائين ڌرتي جي مدار ۾ موجود رهيو ۽ پنج آگسٽ تي ڪاميابي سان چنڊ جي مدار ۾ داخل ٿيو.


وڪرم نالي لينڊر سترنهن آگسٽ تي پروولشن موڊيول کان ڪاميابي سان ڌار ٿيو هو جنهن کانپوءِ اڄ اِهو مشن چنڊ تي ڪاميابي سان لينڊ ڪري چڪو آهي.
مشن جي ڪاميابي کانپوءِ ڀارت چنڊ تي سافٽ لينڊنگ ڪندڙ دنيا جو چوٿون مُلڪ بڻجي ويو آهي جڏهن ته چنڊ تي پهچندڙ ايشيا جو ٻيو مُلڪ آهي.
ان کان اڳ آمريڪا، روس ۽ چين چنڊ جي خط استوا جي ويجهو سافٽ لينڊنگ ڪري چڪا آهن.
چندريان هندي ۽ سنسڪرت ۾ ” چنڊ گاڏي“ کي چوندا آهن، 2019 ۾ اسرو جو چندريان ٽو چنڊ تي لهڻ دوران تباهه ٿي ويو هو.
سوشل ميڊيا تي ردعمل


ڀارت جي وزيرِ اعظم نريندر موديءَ چندريان ٿري جي چنڊ تي پهچڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته اِها پوري مُلڪ جي ڪاميابي آهي.
ڏکڻ آفريڪا ۾ برڪس اجلاس دوران چنڊ تي لينڊنگ جي سڌي ريت نشريات ڏسڻ کانپوءِ پنهنجي خطاب ۾ وزيرِاعظم نريندر مودي چيو ته ڀارت چنڊ جي ان حصي تي پهتو آهي جتي پهريان ڪڏهن ڪير ناهي ويو.
سندس چوڻ هو ته پهريان ٻارن کي چيو ويندو هو مامو چنڊ ڏور آهي، پر هاڻي ٻارن کي چونداسين ته چنڊ مامو اسان جي ويجهو آهي.
ڀارت ۾ چندريان ٿري جي ڪاميابي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.