فاطمه ڦرڙو ڪيس: مک جوابدار جي جسماني رمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ

 

راڻي پور (ويب ڊيسڪ) فاطمه ڦرڙو ڪيس جي مک جوابدار اسد شاهه جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 5 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي.

سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ راڻي پور جي عدالت ۾ فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت مک جوابدار اشد شاهه جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 5 ڏينهن جي واڌ ڪندي ان کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس ٻارڙي جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ به عدالت ۾ جمع ڪرائي، گڏوگڏ حويلي مان تحويل ۾ ورتل 3 عورت ملازمن ۽ انهن جي چئن ٻارن کي به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.