ڀارتي فوج جي ايل او سي تي فائرنگ، پيرسن شهيد، 3 عورتون زخمي

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج طرفان لائن آف ڪنٽرول تي سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڀارتي فوج ايل او سي جي نڪيال سيڪٽر تي بنا سبب فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 60 ورهين جو شخص غياث شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڀارتي فوج جي فائرنگ سان ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ 3 عورتون زخمي به ٿيون.

بيان ۾ چيو ويو ته ڀارتي فوج جي سرعام جارحيت سيز فائز معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي، پاڪستان پنهنجون سرحدون پرامن رکڻ جو خواهشمند آهي، شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا ۽ ڪنهن به اڳرائيءَ جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.