دهشتگردي جو خطرو، ٽِڪ ٽاڪ ۽ ٽيلي گرام تي پابندي!

صومياليا جي حڪومت سوشل ميڊيا ايپليڪيشن ٽِڪ ٽاڪ ۽ ٽيلي گرام تي پابندي مڙهي ڇڏي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، صوماليا جي حڪومت جو موقف آهي ته دهشتگرد ٽِڪ ٽاڪ ۽ ٽيلي گرام کي پروپيگنڊا پکيڙڻ لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا، تنهنڪري انهن تي پابندي لڳائي وئي آهي.

صوماليا جي ڪميونڪيشن وزارت طرفان جاري ڪيل حڪنامي ۾ چيو ويو آهي ته انٽرنيٽ سروس فراهم ڪندڙ ڪمپنيون 24 هين آگسٽ کان ٽِڪ ٽاڪ، ٽيلي گرام تي پابندي يقيني بڻائن.

عالمي ميڊيا موجب، صوماليا جي حڪوتم اِهو قدم عسڪريت پسند  گروپ الشهاب خلاف ڪارروائي کان پهريان کنيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.