ڪنوار ٻاهرئين ملڪ هني مون دوران لاڏاڻو ڪري وئي

 

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب مان ٻاهرئين ملڪ هني مون ملهائيندڙ ويندڙ جوڙي جون خوشيون ڏک ۾ تبديل ٿي ويون.

پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب جي علائقي حائل سان واسطو رکندڙ عورت جي هڪ هفتو اڳ رخصتي ٿي هئي، عورت بثينه شائع ناصر القباع پنهنجي مڙس عبداللطيف العامر سان گڏ هني مون لهائڻ بوسنيا وئي هئي، جتي دل جي دوري سبب هوءَ لاڏاڻو ڪري وئي.

عورت جي لاڏاڻي جو اطلاع سندس مڙس سوشل ميڊيا تي ڏنو، واهپيدارن عبداللطيف سان افسوس جو اظهار ڪندي عورت جي خاندان سان به تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.

عبداللطيف سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان ۾ پنهنجو ڏُک ونڊيندي چيو ته تقدير تي راضي آهيان، مان انمول ساٿي کان محروم ٿي ويو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.