ايپل طرفان آءِ فون وارن کي وارننگ جاري

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ٽيڪنالوجي ڪمپني ايپل پنهنجي واهپيدارن کي خبردار ڪيو آهي ته هو پنهنجي مٿن کان فون رکي سمجهڻ کان پاسو ڪن.

ڪمپني طرفان واهپيدارن کي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته هو فون يا چارجر کي پنهنجي کَلَ سان سڌي ريت لڳڻ کان بچائين.

ڪمپني طرفان جاري ڪيل هدايتن ۾ چيو ويو ته جڏهن به ڪو ڊوائيس، پاور ايڊاپٽر يا وائرليس چارجر پاور سورس سان ڳنڍيل هجي ته انهن کي مٿن کان رکي سمهڻ يا چادر يا ويهاڻي جي اندر يا جسم تي رکي سمهڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

ڪمپني واهپيدارن کي اطلاع ڏنو ته فون کي چارج ڪرڻ وقت ان جي اسڪرين مٿين پاسي هجڻ گھرجي. وڌيڪ اهو ته جيڪڏهن واهپيدارن کي فون مان خارج ٿيندڙ گرمائش کي محسوس ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جو مسئلو هجي ته انهن کي احتياط ڪرڻ جي گھرجي.

ايپل واهپيدارن کي اهو به چيو ته واهپيدارن کي پاور سورس سان ڳنڍيل ڪنيڪٽر ۽ چارجنگ ڪيبل کي دير تائين کَل سان ٽڪرائجڻ کان بچائڻ گھرجي. بي احتياطي سبب نقصان ٿي سگھي ٿو. ايتري تائين جو چارجنگ ڪيبل تي سمهڻ يا ويهڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.