دنيا ۾ هڪ ماءُ لاءِ ان جو ٻار سڀ کان خوبصورت هوندو آهي.
اها خوبصورتي ماءُ جي اکين مان ان جي دل ۾ لهي ويندي آهي. جنهن ٻار کي ڏسڻ کانسواءِ ماءُ 9 مهينن تائين حمل جي پرورش ڪئي، ان کي پنهنجي هنج ۾ کڻڻ جو احساس ئي خوبصورت هوندو آهي.
پر ڪيترائي ڀيرا اهڙا ٻار پيدا ٿيندا آهن جيڪي پيدائشي نقصن جو شڪار هوندا آهن.
حمل ۾ ئي ڪجهه خرابيون ٿينديون آهن ۽ اهڙي ئي ٻار جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
شيئر ڪيل وڊيو ۾ عجيب ٻار نظر اچي ٿو. هن ٻار جون اکيون ۽ چپ ڳاڙها ۽ کل تي اڇيون ٺڪريون ڄميل نظر اچن ٿيون.
سندس جسم تي ڏار نظر اچن ٿا، اهو ڏسندي ئي ڊاڪٽرن جا به هوش اڏي ويا ته اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿاته هڪ ماءُ سان ڇا ٿيو هوندو.
هن وڊيو کي ڪيترائي ڀيرا شيئر ڪيو ويو آهي.
View this post on Instagram
هي هڪ جينيٽڪ ڊس آرڊر جو مرض آهي هي انهن سان ٿيندو آهي جيڪي وقت کان اڳ وقت کان بعد پيدا ٿيندا آهن.
اهڙن ٻارن جي کل کي گهم جي سخت ضرورت هوندي آهي.
سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران اهي تبصرا ڪيا پيا وڃن ته يا خدا هن ٻار تي رحم ڪر ۽ هن جي ماءُ تي به.