پ پ پاران صدر عارف علوي جو دماغي معائنو ڪرائڻ جو مطالبو

جڙانوالا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نيئر بخاري چيو آهي ته پ پ صدر عارف علوي جي طبي معائني جي مطالبو ڪري ٿي ڇو جو سندس ٽوئيٽ سندس ذهني صورتحال تي ڪيئي سوال اُٿاري رهيا آهن.

جڙانوالا ۾ پ پ اڳواڻ شيري رحمان ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته صدر علوي پي ٽي آءِ ڪارڪن ۽ چيئرمين جي ذاتي ملازم جو ڪردار ادا ڪيو.

نيئر بخاري چيو ته آئين تحت صدر بلز منظور ڪيا ۽ نه اعتراض واريا، پارليامينٽ مان منظور ٿيل بلز محدود مدت جي خاتمي تي پاڻمرادو لاڳو ٿي ويندا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته صدر جي بلز صحيح نه ڪرڻ بابت وضاحت صدي جو سڀ کان وڏو مذاق آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.