فاطما ڦرڙو سان جنسي زيادتي ۽ بدفعلي جي تصديق

راڻيپور ( ويب ڊيسڪ )  راڻيپور جي پيرن جي حويلي ۾ تڙپي تڙپي دم ڏيندڙ نينگري فاطمه ڦرڙو سان تشدد، جنسي زيادتي ۽ بدفعلي تصديق ٿي وئي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب، ميڊيڪل بورڊ ۾ شامل پوليس سرجن امان الله ڀنگوار نينگري فاطمه ڦرڙو سان جنسي زيادتي ۽ تشدد  جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

پوليس سرجن امان الله ڀنگوار جو چوڻ آهي ته نينگري فاطمه ڦرڙو سان زيادتي ۽ تشدد جا ثبوت مليا آهن.

ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل بورڊ نينگري تي تشدد جي تصديق ۽ زيادتي جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته لاش بنا پوسٽ مارٽم جي دفنائڻ ۽ حقيقتن کي لڪائڻ تي ايس ايڇ او راڻيپو، وڏي منشي، ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر کي ڪيس ۾ نامزد ڪري سندن رمانڊ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڊي آءِ جي سکر جو وڌيڪ چوڻ هو ته حويلي ۾ ڪم ڪندڙ سمورن ٻارڙن کي ريسڪيو ڪري گهرن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو.

جاويد جسڪاڻي موجب حويلي ۾ موجود سمورن مردن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ نمونا ورتا ويندا.

 هوڏانهن پوليس نينگري جي قتل ڪيس جي مک جوابدار اسدالله شاهه کي گمس منتقل ڪيو، جتي ماهر ڊاڪٽرن  ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جوابدار جا نمونا ورتا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.