پيساڊينا-ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) شمسي نظام جي خوبصورت نيري سياري، نيپچون جي ڪڪر وڏي حد تائين ٽائب ٿي چڪا آهن ۽ ان جو سبب اسان جي سج جي شمسي چڪرن (سالر سائيڪلز) کي قرار ڏنو پيو وڃي.
1989ع ۾ وائيجرل اول، نالي خلائي جهاز جڏهن نيپچون جي ويجهو پهتو هو ته اتان جي تصوير ۾ اڇن ڪڪرن جي گھڻائي ڏٺي وئي هئي. پر هاڻ ان جو آسمان صاف ٿي چڪو آهي.
ڪيليفورنيا يونيورسٽي، برڪلي جي ايرينڊي شاويز 1994ع کان 2022ع تائين سياري جي ڪڪرن جو غور سان جائزو ورتو آهي. هن هبل خلائي دوربيني ۽ زمين تي لڳل ٻن طاقتور دوربينين سان نيپچون جي تصويرن تي لاڳيتو غُور ڪيو آهي. هن غور ڪيو ته ان جا ڪڪر لاڳيتو گھٽبا ۽ وڌندا رهندا َآهن. مثال جي طور تي 2002 ۽ 2015 ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪڪر ڏٺا ويا هئا جڏهن ته 2007ع ۽ 2020ع ۾ سيارو ڪڪرن کان خالي نظر آيو هو.
2020ع ۾ سڀ کان گھٽ ڪڪر ڏٺا ويا ۽ ڪڪرن مان نڪرندڙ روشني تقريبن ختم ٿي وئي ته سيارو گھڻي اونداهه ۾ نظر آيو. پر هاڻ به ناراض ڪڪر نه موٽيا جيڪا هڪ عجيب ڳالهه آهي.
ان جو سبب اهو آهي جو اسان جي سج تي هر 11 ورهين بعد شمسي داغ بڻجڻ ۽ غائب ٿيڻ جو هڪ چڪر هلندو رهندو آهي جنهن کي سولر سائيڪل چوندا آهن، پر ان ۾ سج جي مقناطيسي ميدان ۾ به تبديلينو پيدا ٿينديون رهنديون آهن. جيتوڻيڪ نيپچون سج کان گھڻو پري آهي پر شمسي چڪرن جو ان تي اثر ٿيندو آهي ۽ خاص ڪري ان جي ڪڪرن تي اثر پوندو آهي.
جيئن ئي شمسي چڪر عروج تي هوندو آهي ته ڪڪر تيزي سان وڌڻ لڳندا آهن ۽ 11 ورهين کان پوءِ انهن ۾ غير معمولي گھٽتائي اچڻ لڳندي آهي. هاڻ 2023ع ۾ به سياري تي ڪڪر نه هجڻ جي برابر آهن. پر ان ڏجي کڻ قطب تي ڪجهه ڪڪر موجود آهن جن ۾ 2109ع کان گھڻي گھٽتائي ٿيڻ شروع ٿي هئي.