مردن ۽ عورتن لاءِ بهترين فيس ماسڪ گھر ۾ تيار ڪرڻ جو طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪنوار جي ميڪ اپ تي ڳري رقم خر ٿيندي آهي پر جيڪڏهن گھر ۾ ئي انتهائي سولائي سان گھٽ خرچ فيس ماسڪ تيار ٿي وڃي ته سٺو آهي.

شادي هر ڇوڪي جي لاءِ خاص ڏينهن هوندو آهي جنهن ۾ هوءَ خوبصورت نظر اچڻ لاءِ ڪيترائي جتن ڪندي آهي ۽ ان لاءِ هزارين ۽ ڪٿي ڪٿي ته لکين رپيا خرچ ڪيا ويندا آهن ۽ ڪنوار ڪيترن ئي ڏينهن تائين بيوٽي پارلرز جا چڪر لڳائينديون آهن. ميڪ کان اڳ چهري جي جلد کي نرم ۽ چمڪندڙ بڻائڻ لاءِ ڪيترائي مهانگا فيس ماسڪ استعمال ڪرايا ويندا آهن.

ڊاڪٽر ام راحيل نالي ماهر خانگي ٽي وي چينل جي شو ۾ پاڪستان ۾ گھر ۾ ڪنوار جو فيس ماسڪ بڻائڻ جو اهڙو سولو طريقو ٻڌايو آهي جيڪو گھٽ خرچ پر نتيجي ۾ بهترين آهي گھر ۾ اهو فيس ماسڪ بڻائڻ جو هڪ فائدو اهو به آهي جو ڪنوار جي جلد موجب ان ۾ جُزا گھٽائي سگھجن ٿا.

ڪنوار ماسڪ لاءِ گھربل جُز:

ايلوويرا جيل—-هڪ ٽيبل اسپون

تازو يا خشڪ کير——ٻه ٽيبل اسپون

گليسرين——–هڪ ٽيبل اسپون

اخروٽ ۽ بادام جو مڪسچر—–هڪ ٽيبل اسپون

اڇي صندل جو پائوڊر——هڪ ٽيبل اسپون

پيٺل هيڊ————-اڌ چانهه جو چمچو

بيڪنگ پائوڊر—–چمچي جو چوٿون حصو

ماسڪ بڻائڻ جو طريقو:

سمورا خشڪ جُز سٺي طرح مڪس ڪري جار ۾ رکي ڇڏيو جڏهن استعمال ڪرڻو هجي ته ايلوويرا جيل، گليسرين ۽ کير شامل ڪري مالش ڪريو جلد چمڪندڙ ۽ نرم ٿي ويندي.

ان فيس ماسڪ جي خاص ڳالهه اها آهي ته اهو رڳو ڪنوار يا عورت لاءِ ناهي اهو ڇوڪري ۽ گھوٽ لاءِ به استعمال ڪري  پنهنجي چهري جي رونق وڌائي سگھو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.