راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ايزي پيسا جي ريٽيلرز وٽ وڌيڪ پيسا ڪٽڻ وارو بحث ڪنهن کان لڪيل نه آهي.
جيتوڻيڪ پيسا موڪلڻ جي ڪا في طئي ناهي ڪئي وئي تنهن هوندي به هڪ هزار رپين تي 20 رپين کان 30 رپيا بي بنياد ڪاٽيا ويندا آهن.
رڳو پيسا ڪڍرائڻ جي في ڪاٽڻ جي اجازت ڪمپنين طرفان ڏني وئي آهي پر ان ۾ ڪمپنين غفلت جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي ته هو اهڙن ريٽيلرز خلاف ڪا به ڪارروائي نٿيون ڪن.
تازو راولپنڊي ۾ پنجاهه هزار رپيا موڪلڻ تي پنج سئو رپيا واڌو ڪٽوتي تان دڪاندار ۽ گراهڪ ۾ منهن ماري ٿي پئي جنهن تان دڪاندار فائرنگ ڪري گراهڪ کي ماري وڌو جڏهن ته سندس ٻه مائٽ زخمي ٿي پيا.
يقينن اها حرام جي ڪمائي آهي ۽ اهڙا دڪاندار پاڻ وٽ هٿيار به رکڻ لڳا آهن پر هٿيار رڳو دفاع لاءِهجڻ گهرجن ٿورڙي بحث تي ڪنهن کي جان کان مارڻ جي بلڪل اجازت نه هجڻ گهرجي.
موبائيل ڪمپنين کي واهپيدارن پاران ڪيتريون ئي شڪايتون ڪيون وينديون آهن پر نه وٽن ايترو عملو آهي جو شڪايتون ٻڌي سگهي ۽ نه ئي هو ان ۾ دلچسپي رکن ٿيون.
ذريعن موجب موبائيل ڪمپنيون ڪمائي گهٽجڻ سبب ٽاورز جي مرمت وارو ڪم به بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ غيرقانوني ڪٽوتين جو ازالو به نٿو ڪيو وڃي.
مختلف شهرن ۾ ٽاور بند هجڻ ۽ سگنل نه اچڻ تي جاز ۽ زونگ خلاف احتجاج ٿي چڪا آهن.
خيال رهي ته ايزي پيسا کانسواءِ جاز به جاز ڪيش نالي رقم منتقلي جي سروس فراهم ڪري ٿي ۽ ان بابت ريٽرلرز پڻ ساڳيو رويو آهي.