آفيس ۾ موبائل چارج ڪرڻ تي ملازم بجلي چور قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موبائل فون جي بيٽري ڪڏهن به ۽ ڪٿي به ختم ٿي سگھي ٿي ۽ آفيس ۾ ته ڪيترن ئي ملازمن کي موبائل چارج ڪندي ڏٺو ويندو آهي پر هڪ ملازم اهڙو به آهي جنهن کي آفيس ۾ فون چارج ڪرڻ تي بجلي چور قرار ڏنو ويو.

هونئن ته آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ملازم سوشل ميڊيا تي پنهنجي آفيس ۾ پيش ايندڙ روين ۽ واقعن جي حوالي سان پوسٽ ڪندا رهندا آهن پر تازو ئي سوشل ميڊيا تي هڪ انوکي پوسٽ ذريعي ملازم باس طرفان پاڻ تي بجلي چور جي الزام جو انڪشاف ڪيو.

سوشل ميڊيا ايپ ريڊٽ تي واهپيدار ميلوڊڪ هڪ پوسٽ شيئر ڪندي ٻڌايو ته هن جي باس آفيس ۾ موبائل فون چارج ڪرڻ تي ڪاوڙ ۾ رڙيون ڪندي هن تي ذاتي استعمال لاءِ ڪمپني جي بجلي چوري ڪرڻ جو الزام لڳايو.

ملازم سوشل ميڊيا واهپيدارن کان سوال ڪندي لکيو ته آئون ڊيسڪ جاب ڪندو آهيان، آئون سڄو ڏينهن فون جو استعمال ناهيان ڪندو پر آئون رات جو ڪڏهن ڪڏهن موبائل چارج ڪرڻ به وساري ڇڏيندو آهيان جنهن سبب مون کي آفيس ۾ فون چارج ڪرڻي پوندي آهي ان تي اوها جو ڇا خيال آهي؟

ان پوسٽ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي واهپيدارن طرفان باس کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

هڪ واهپيدار پوسٽ شيئر ڪندڙ ملازم کي مشورو ڏنو ته باس کي چئو ته اوهان آفيس ۾ پنهنجو فون چارج نه ڪندئو پر اوهان موبائل تي آفيس جي ڪا به ڪال رسيو نه ڪندئو ڇو جو ڪمپني اوهان جو ٽاڪ ٽائيم ۽ بيٽري لائف چوري ڪري رهي آهي.

پر اڃا تائين اها خبر ناهي پئجي سگھي ته پوسٽ ڪندڙ واهپيدار جو واسطو ڪهڙي شهر ۽ ڪهڙي اداري سان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.