هونئن ته سڄي صحت انسان لاءِ خدا تعاليٰ طرفان مليل نعمت آهي جنهن جو خيال سڀ ڪو رکندو آهي، پر اڄڪلهه انسان جي صحت جي حوالي سان اهڙا ڪيترائي مسئلا آهن جيڪي ڏينهون ڏينهن وڌندا ۽ ناسور بڻبا پيا وڃن جن مان مرداڻو مسئلو به هڪ آهي. اهو اهڙو مسئلو آهي جيڪو رڳو هڪ بيماري نه پر انسان جي بقا لاءِ هڪ اهم مسئلو آهي ۽ جيڪو نه رڳو ڪنهن هڪ ملڪ پر سڄي دنيا ۾ تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي.
مرداڻيون بيماريون مختلف قسمن ۽ نوعيتن جو هونديون آهن پر ڪهڙي به قسم توڙي نوعيت جون هجن اهي خطرناڪ هونديون آهن. سڀ کان پهرين هڪ ڳالهه واضح ڪجي ته مرداڻا مسئلا خاص ڪري لاپرواهين جي ڪري ٿيندا آهن ۽ انهن جو سڌيءَ ريت تعلق دماغ سان آهي. اڄڪلهه جي دور جي ڳالهه ڪجي ته ڊپريشن جو مرض به تيزي سان وڌندو پيو وڃي جنهن جا ماحول سميت ڪيترائي ٻيا سبب آهن.جيڪڏهن ڪو ماڻهن ڪنهن به حوالي سان مرداڻي مسئلن جو شڪار آهي ته سندس لاءِ اها ڪا وڏي مصيبلت يا پريشان ٿيڻ جي ڳالهه ناهي، ڇو جو جيڪڏهن اهو پريشان ٿئي ٿو ته حقيقت ۾ مسئلي کي وڌائي رهيو آهي.
سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز يا ماحول ۾ موجود عوامي هنڌن کي ڏسجي ته اڄڪلهه ان مسئلي تي تيزي سان اشتهاربازي ڪئي وئي وڃي، ڪيترائي اڻڄاتل ماڻهو مختلف دعوائون ڪري اهڙي مسئلي جو شڪار ماڻهن کي وڌيڪ پريشانين ۾ وجهي ڇڏين ٿا جڏهن ته ڪجهه وري انهن کي وڏي حد تائين آٿت ڏيندي انهن جي سڀني مسئلن جو حل سندن جي پراڊڪٽ ۽ نسخي ۾ هجڻ جون پڻ دعوائون ڪن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه رجسٽرڊ ماڻهو ڪنهن حد تائين صحيح به هجن پر بحرهال اسان جو موضوع اهو ناهي ته ڪير ڪيترو صحيح ۽ ڪيترو غلط آهي.
اهو مسئلو سڄي دنيا جو ڪامن مسئلو بڻبو پيو وڃي ۽ ان جو مک سبب ذهني پريشانيون ۽ ڊپريشن آهي، ان سان گڏ انٽرنيٽ تي موجود مواد کي گهڻو ڏسڻ سان به اهي مسئلا وڌي سگهن ٿا.
کاڌي پيتي جي ڳالهه ڪجي ته اڄڪلهه سڀ ڪنهن خاص ڪري نوجوانن جا پسنديده کاڌا جنڪ فوڊز بڻجي ويا آهن، اِهي اُهي کاڌا آهن جيڪي تيز پچايا وڃن ٿا ۽ انهن ۾ ڪيلوريز جو مقدار تمام گهڻو هوندو آهي، جيڪي سولائي سان مِلي ويندڙ، کائڻ ۾ سولا ۽ جلدي پيٽ ڀرائڻ وارا ته هوندا آهن پر انهن جو لڳاتار استعمال صحت لاءِ ڪهڙي به صورت ۾ صحيح ناهي.
ان سان گڏ اڄڪلهه جا ماڻهو مختلف ڪولڊ ذرنڪس جو استعمال گهڻي مقدار ۾ ڪن ٿا جنهن ۾ موجود تيزابيت گردن تي خطرناڪ حد تائين ناڪاري اثر ڇڏيندي آهي جنهن جي ڪري مرداڻا مسئلا پڻ جنم وٺن ٿا.
ڏٺو وڃي ته اڄڪلهه جسماني حرڪت واري ڪم ڪار جي به وڏي گهٽتائي ٿي وئي آهي هر ڪو ماڻهو چاهي ٿو ته اهو ڏکئي کان ڏکيو ڪم سولي کان سولي طريقي سان پورو ڪري وقت ۽ محنت بچائي وٺي، اهو ئي سبب آهي ته جسماني طور ماڻهو جي حرڪت نه ڪرڻ جي ڪري سستي جسم جو گهر بڻبي پئي وڃي. ان سان گڏ اڄڪلهه ننڍي عمر توڙي نوجوانن ۾ منشيات جو استعمال به عام ٿي ويو آهي جيڪو پڻ ان مسئلي تي اثر انداز ٿئي ٿو.
پڙهندڙن لاءِ آرٽيڪل لکڻ جو مقصد اهو آهي ته سڀ کان اڳ ته انهن کي ڪنهن به حوالي سان پريشان نه ٿيڻ گهرجي ٻيو ته ماڻهن جي چوڻ تي لڳي ڪنهن به ڳالهه تي عمل ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، جنسي طاقت هڪ اهڙو جُز آهي جيڪو جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو ۾ قدرتي طور ڄائي ڄم کان موجود آهي ته اهو ڪهڙي به صورت ۾ سولائي سان ختم نٿو سگهي، ان سان گڏ ننڍپڻ جي غلطين وغيره جي ڪري به ان تي ايڏو اثر ناهي پوندو جيترو سوشل ميڊيا تي بنياد بڻائي ظاهر ڪيو ويندو آهي، اهو رڳو دماغ جي استعمال جو فرق هجي ٿو.
سڀ کان اول ته اڄڪلهه جي طرز زندگي تمام خراب ٿي وئي آهي هڪ رپورٽ موجب ملڪ ۾ اسي سيڪڙو ماڻهو ناشتو ڪندا ئي ناهن، اهو هڪ اهڙي رپورٽ آهي جيڪا اڄ جي سڀني بيمارين جي جڙ چئجي ته غلط نه هوندو. ناشتو نه ڪرڻ کانپوءِ پهرين خوراڪ جي به وڏي اهميت هوندي آهي ماڻهو ننڊ مان منجهند جو جاڳڻ کانپوءِ جيڪڏهن هوٽلنگ ڪندي برگر، سموسا ۽ ٻيون شيون کائيندو ته اهڙا مسئلا ته ضرور ٿيندا.
اهڙي مسئلي جو شڪار ماڻهن کي سڀ کان پهرين ته پنهنجي طرز زندگي مٽائڻ گهرجي، اهي جيڪڏهن ڪو جسماني حرڪت وارو ڪم ڪار ڪن به اٿا ته انهن کي ورزش معمول بڻائڻ گهرجي، ان سان گڏ ان مسئلي کي رڳو دماغي مسئلو تصور ڪيو وڃي دماغ جي پريشانين جي خاتمي کانپوءِ يا دماغ کي سڪون ملڻ سان ئي اهڙا مسئلا حل ٿي ويندا.
ان سان گڏ جيڪڏهن پوءِ به ڪير ان مسئلي جو شڪار به آهي ته هتي اسان ان لاءِ هڪ اهڙو ناشتو ٻڌائي رهيا آهيون جيڪو ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن به ماڻهو کي اهڙي مسئلي جي حوالي سان ڪا پريشان نه ڪرڻ گهرجي. صبح جو ننڊ مان اٿڻ سان جيڪڏهن هيٺ ڄاڻايل جوس استعمال ڪيو وڃي ته جنسي صحت جي لاءِ ايترو فائديمند آهي جو شايد ئي ڪنهن سوچو هجي ان سان گڏ توهان”نيم حڪيم وبال جان“ وارو مهاورو ته ٻڌو ئي هوندو، انڪري سوشل ميڊيا تي مختلف نسخا وڪڻندڙ اڻڄاڻ حڪيمن کان پاسو ڪري پنهنجي صحت کي ٻيا خطرناڪ نقصان ڏيڻ کان بچايو وڃي. ذهني طور پرسڪون رهي ۽ طرز زندگي مٽائي جنسي مسئلن کي حَل ڪري سگهجي ٿو.
جنسي مسئلن جو شڪار ماڻهو صبح جو هيٺ ڄاڻايل شربت استعمال ڪن.
جوس ٺاهڻ لاءِ ڏهه عدد کاڄا، ٽي اکروٽ، چار ڪتل جون ڳڙيون کڻون، ڪتل جي ڳڙين مان کڪڙيون ڪڍي وٺو. اهو ضروري آهي ته کاڄا، اکروٽ ۽ ڪتل صاف ۽ سُٺا هجن. انکانپوءِ ٽي ڪيلا ۽ ٿوري مقدار ۾ کِير کڻي اهي سڀ شيون هڪ ئي وقت گڏائي انهن جو جوس ٺاهي وٺو.
جيڪڏهن هر روز صبح جو نيراني اهو جوس ٺاهي پيئجي ته ان جا جنسي صحت لاءِ ايترا فائدا هوندو جو ڪنهن جو اندازو هجي. ان سان گڏ اهو ڪو نقصانڪار نسخو به ناهي جيڪو ماڻهو جي جسم جي ڪنهن ٻئي حصي يا عضوي کي نقصان پهچائي، انڪري وڏي رقم خرچ ڪرڻ بدران ان نسخي تي عمل ڪري پنهنجا مسئلا حل ڪري بهترين زندگي گذاري سگهجي ٿي.