ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماهرن موجب ٻين ڏينهن جي ڀيٽ ۾ سومر تي دل جو دورو پوڻ جا امڪان 13 سيڪڙو وڌيڪ هوندا آهن.
آئرش دل جي ماهرن جي هڪ مطالعي جي مطابق، سومر تي دل جي دوري جو امڪان وڌيڪ آهي.
ھن مطالعي ۾ 10,500 کان وڌيڪ مريضن جي ڊيٽا شامل آھي.
ماهرن پاران 2013 ۽ 2018 جي وچ ۾ دل جي دوري سبب اسپتال ۾ داخل ٿيندڙ ڪارڊيالوجي جي مريضن کي پڻ شامل ڪيو ويو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته هر سال سومر تي دل جي دوري سبب 30 هزار کان وڌيڪ مريض اسپتال ۾ داخل ٿين ٿا.
مطالعي مان خبر پوي ٿي ته ته انهن مريضن ۾، دل جي دوري جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس سومر تي رڪارڊ ڪيا ويا.
آچر تي پڻ اها شرح وڌيڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.