ڇا توهان ڪاٺوري ميوي بابت ڪڏهن ٻڌو آهي؟
ڪاٺوري کي بيل گري به چيو ويندو آهي جڏهن ته ان جا مختلف ٻولين ۾ مختلف نالا آهن ٿي سگهي ٿو بيل گري يا ڪاٺوري سڀ ڪنهن نه ٻڌي يا کاڌي هجي پر ان جا صحت لاءِ اهڙا انوکا فائدا آهن جيڪي يقينن دنگ ڪري ڇڏن ٿا.
بيلگري يا ڪاٺوري جو استعمال بَگ، بواسير، پيٽ جي مسئلن، ڪالرا، السر، سوڄ، دل جي بيمارين، هاضمي جي خرابي، ساهه جي مسئلن سميت ٻين ڪيترين ئي بيمارين لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو آهي، جڏهن ته ان ميوي جي کائڻ سان رت جي بيمارين، ڪن جي مسئلن ۽ اکين جي نور ۽ ٻين بيمارين کان به بچي سگهجي ٿو
.