تنهنجي شڪل تبديل ٿي وئي آهي، تنهنجو چهرو خراب ٿي ويو آهي، چهري تي وائٽننگ ڪريم هڻندو ڪر جهڙا ٻيا ڪيترائي جملا نوجوان ماڻهن کي تعليمي ادارن ۽ آفيسن مان ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا.
چهري تي داڻا ۽ موهيڙا ٿيڻ ٻڌڻ ۾ عام ڳالهه لڳي ٿي پر پاڪستاني معاشري ۾ اڪثر ماڻهو خاص طور تي عورتون انهن جي ڪري وڏو پريشان رهنديون آهن.