گھڻي کائڻ يا تيزي سان کائڻ جي نتيجي ۾ پيٽ ڦوڪجي ويندوآهي يا ائين چئجي ته اندر سوڄ ٿي ويندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ گھڻي تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.
پر ڪجهه غذائون ان حوالي سان فائديمند هونديون آهن جن بابت ڄاڻڻ اوهان لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿو.
اجوائن
اهو مصالحو يا جڙي ٻوٽي کائڻ ۾ رڳو ذائقو وڌائڻ جو ئي ڪم ناهي ڪندو پر اهو خوراڪ جي ناليءَ جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ به مدد ڏيندو آهي. اهو جسم مان واڌو پاڻي جو مقدار خارج ڪرڻ لاءِ مددگار آهي جيڪو پيٽ ڦوڪجڻ جو سبب بڻبو آهي.
ناريل جو پاڻي
رڳو رڳو ذائقيدار شربت ناهي پر پيٽ ڦوڪجڻ جي مسئلي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ به فائديمند آهي. ان ۾ موجود پوٽاشيئم اليڪٽرولائٽ ليول کي ريگوليٽ ڪندو آهي ۽ جسم ۾ پاڻياٺ جي مقدار کي ڪنٽرول ۾ رکندو آهي.
کيرا
ماڻهو کيرن کي اکين جي هيٺان سُڳل حصي کي گھٽائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن ۽ ائين ئي اوهان ان کي کائي ڦوڪيل پيٽ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪري سگھو ٿا. ان ڀاڄي ۾ هڪ اهرو فليونوئڊ آڪسائيڊنٽ موجود هوندو آهي جيڪو پيٽ جي سوڄ کي گھٽائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. تنهنڪري ان کي ڪاٽي کائو يا ان جو عرق ڪڍي پي ڇڏيو، فائدو ٻنهي صورتن ۾ ٿئي ٿو.
ڪيلا
پوٽاشيم سان ڀرپور خوراڪ جهڙو ڪيلو جسم ۾ سوڊيم ليول کي ريگوليٽ ڪري پاڻي گڏ ٿيڻ جي روڪٿام ڪندو آهي، جنهن سان لوڻ جي گھڻي استعمال سبب پيٽ ڦوڪجڻ يا گيس ٺهڻ جي عارضي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي. طبي ماهرن موجب پيٽ ڦوڪجڻ جو هڪ سبب قبض هجڻ به آهي، ڇو جو جيڪڏهن فضلو جسم مان خارج نه ٿئي ته پيٽ ڦوڪجي ويندو آهي يا گيس پيدا ٿيندي آهي.
پپيتو
پپيتي ۾ موجود انزائم خوراڪ جي ناليءَ ۾ موجود پروٽين کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، جنهن سان کاڌو هضم ڪرڻ سولو ٿي ويندو آهي. اهو ميوو سوڄ ختم ڪندڙ خاصيتون رکي ٿو جڏهن ته ان ۾ موجود فائبر به هاضمي جي نظام لاءِ فائديمند آهي.
ڏهي
ڏهي ۾ موجود پروبائيوٽيڪس يعني معدي لاءِ فائديمند بيڪٽيريا هوندا آهن، جيڪي هاضمي کي ريگوليٽ ڪرڻ سان گڏ خوراڪ جي نالي جي صحت کي به بهتر بڻائيندا آهن. تنهنڪري ڪجهه مقدار ۾ روز ڏهي کائڻ پيٽ ڦوڪجڻ جي مسئلي ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.
وڏڦ
سونف هاضمي جي نظام لاءِ بهترين آهي، اهو ٻج خوراڪ جي نالي کي سڪون پهچائيندو آهي، جنهن سان گيس خارج ٿيندي آهي ۽ پيٽ ڦوڪجڻ جو عارضو گھٽجي ويندو آهي.
ادرڪ
ادرڪ موسمي نزلي زڪام، پٺن ۾ تڪليف وغيره لاءِ گھريلو ٽوٽڪي جي طور تي استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ پيٽ ڦوڪجڻ جي تڪليف ۾ گھٽتائي لاءِ به فائديمند آهي، اهو قدرتي طور تي سوڄ ختم ڪندڙ ۽ هاضمي جي نظام لاءِ بهترين آهي. اهو هاضمي جي نظام کي سڪون پهچائي خوراڪ جي نالي جي پٺن کي رليڪس ڪندو آهي. ان ۾ موجود انزائيم پروٽين کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا آهن، ان جي چانهه ٺاهي استعمال ڪرڻ ان حوالي سان گھڻو فائديمند هوندو آهي.
ڦودني جي چانهه
جيڪڏهن رات جي کاڌي کان پوءِ پيٽ ڦوڪجڻ جو احساس ٿئي ته ڦودني جي چانهه جو هڪ ڪوپ ان احساس کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو، ان چانهه کي پيئڻ سان خوراڪ جي نالي جي پٺن کي سڪون ملي ٿو جڏهن ته هاضمي جو نظام به بهتر ٿئي ٿو.
نوٽ: اهو مضمون عام ڄاڻ لاءِ آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ڪريو.