پريشاني جي ڪيفيت ۾ کاڌو کائڻ به ڳڻتي جوڳي ڳالهه

آسٽريليا (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان کاڌو کائيندي وقت اڪثر پريشان ۽ ذهني دٻاءَ جو شڪار رهندا آهيو ته ان جو نتيجو وزن وڌڻ ۽ ٿولهه جي صورت ۾ به نڪري سگھي ٿو.

جيتوڻيڪ ماهر ان بابت ڪيتري عرصي کان چوندا ٿا اچن ته ذهني دٻاءَ انسان کي انڌي ڌنڌ کاڌي طرف راغب ڪندو آهي ۽ ائين وزن ۾ واڌ ٿيندي آهي پر هاڻي ڪوئن تي ڪيل تجربن مان ان جا ثبوت ملي ويا آهن. جيتوڻيڪ ڪجهه ماڻهو اهڙا به ڏٺا ويا آهن جيڪي ذهني دٻاءَ (اسٽريس) ۾ گھٽ کائيندا آهن پر ڪجهه وري گھڻو کائيندا آهن.

آسٽريليا جي شهر ڊارلنگ هرسٽ ۾ موجود گارون انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل ريسرچ جي تجربي واري هنڌ تي ڪوئن تي غور ڪيو ويو ۽ تحقيق دوران اها خبر پئي ته دٻاءَ دوران انسولين جو دماغي رستو سرگرم ٿي ويندو آهي ۽ انساني ٿولهه طرف ڌيان ڏيندو آهي. اهڙي ريت جيڪڏهن ذهني دٻاءَ ۾ ڪيلوريز سان ڀرپور کاڌو. کاڌو وڃي ته وزن تيزي سان وڌڻ شروع ٿي ويندو آهي.

نفسيات ماهرن جو اصرار آهي ته ذهني دٻاءَ جو شڪار انهن مريضن ۾ خوراڪ جو توازن بگڙي ويندو آهي ۽ کاڌن جي چونڊ به تبديل ٿي ويندي آهي. اهي متوازن خوراڪ ڇڏي گھڻي ڪيلوريز واري خوراڪ طرف راغب ٿي ويندا آهن.

هاڻي ان جا سائنسي سبب ڄاڻي وٺو ته ڊپريشن ۽ پريشاني ۾ جسم مان ڪارٽيسول هارمون خارج ٿيندا آهن جيڪي بک وڌائيندا آهن ۽ انسان کنڊ، سڻڀ ۽ مصالحيدار کاڌن طرف ڇڪبو ويندو آهي جنهن کي اسٽريس اٽينگ به چيو ويندو آهي. پر هڪ کان ٻئي شخص ۾ ان جو رجحان، ڪيفيت ۽ شدت مخلتف ٿي سگھي ٿي.

 اهڙيءَ ريت ڄاڻايل ڪيفيت ۾ انڌا ڌند کائڻ سبب ماڻهو تيزي سان ٿولهه جو شڪار ٿي ويندا آهن. ان ڪري ڊاڪٽرن جو مشورو آهي ته دٻاءَ ۽ پريشاني واري ڪيفيت نه کائڻ کان پاسو ڪريو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.