پشاور (ويب ڊيسڪ) نوشهري ۽ مردان ۾ سڀاڻي سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڊپٽي ڪمشنر نوشهري موجب، سڀاڻي ضلعي جا سمورا تعليمي ادارا بند رهندا، جڏهن ته مردان ۾ به سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارا بند رکيا ويندا.
ٻئي پاسي مردان ۾ نئين ڪمشنر محمد علي ۽ ڊپٽي ڪمشنر شاهه سعود پنهنجي عهدن جو چارج سنڀالي ورتي آهي.
هوڏانهن پشاور جي بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ميٽرڪ جي سالياني ٻئي مرحلي جا امتحان ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
بورڊ انتظاميا موجب، امتحان 12 آڪٽوبر کان شروع ٿيڻا هئا، پر هاڻي نئين تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو.
سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته شهر جا سمورا بند پيل روڊ اڄ رات کوليا ويندا، جڏهن ته ٻن ڏينهن کان معطل بي آر ٽي سروس به سڀاڻي کان بحال ڪئي ويندي.
You might also like