واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اميگريشن اهلڪارن سومر جي صبح مينيسوٽا سان تعلق رکندڙ ڪانگريس ميمبر الهان عمر جي گهر جي هڪ فوجداري جاچ جي سلسلي ۾ تلاشي ورتي.
آمريڪي انصاف واري کاتي جي ترجمان برطانوي ميڊيا کي ٻڌايو ته هوم لينڊ سيڪيورٽي انويسٽيگيشنز جي اهلڪارن عدالتي اجازت سان جاري ڪيل سرچ وارنٽ تي عمل ڪندي گهر جي تلاشي ورتي.
ترجمان موجب، اها ڪارروائي جاري وفاقي فوجداري جاچ جو حصو آهي، جڏهن ته ان بابت وڌيڪ تفصيل فراهم نه ڪيا ويا.
واضح رهي ته الهان عمر صوماليا ۾ پيدا ٿي هئي ۽ جنگ کان بچڻ لاءِ اٺن سالن جي عمر ۾ آمريڪا منتقل ٿي.
هوءَ 2018ع ۾ پهريون ڀيرو ڪانگريس لاءِ چونڊجي آئي هئي.
الهان عمر ايندڙ مهيني ٻيهر چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي ۽ کيس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سخت ناقدن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو.
You might also like