20 آڪٽوبر آخري تاريخ، حج جي ٻي قسط نه ڏيندڙن جون درخواستون رد ٿينديون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته سرڪاري حج اسڪيم تحت مقرر تاريخ تائين رهتون جي ٻي قسط ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ حج درخواست رد ڪئي ويندي.
ترجمان موجب، سرڪاري حج اسڪيم ۾ شامل پانڌيئڙن کان رهتن جي ٻي قسط ڊجيٽل پورٽل ذريعي اوڳاڙڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هن وقت تائين 51 هزار 500 عازمين ٻي قسط جمع ڪرائي ڇڏي آهي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻي قسط جي مد ۾ هن وقت تائين 32 ارب 60 ڪروڙ رپيا وصول ٿي چڪا آهن.
انهن مان 26 هزار پانڌيئڙن ون لنڪ، 2 هزار 126 عازمين بئنڪ ڪارڊ، جڏهن ته 23 هزار 200 عازمين بئنڪ چالان ذريعي ادائيگي ڪئي آهي.
ترجمان موجب، حج پورٽل ذريعي گهر ويٺي آن لائن ادائيگي ڪندڙن جو تناسب 55 سيڪڙو آهي.
سرڪاري حج اسڪيم تحت ٻي قسط جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 20 آڪٽوبر مقرر ڪئي وئي آهي.
وزارت واضح ڪيو آهي ته ٻي قسط جمع ڪرائڻ کان اڳ ميڊيڪل فٽنيس سرٽيفڪيٽ حج پورٽل تي اپلوڊ ڪرڻ لازمي آهي.
مقرر تاريخ تائين ٻي قسط ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ حج درخواست رد ڪئي ويندي ۽ درخواست ڏيندڙ جي پهرئين قسط ۾ جمع ڪرايل رقم واپس ڪئي ويندي.
وزارت موجب، 5 کان 20 آڪٽوبر تائين رهتون ٻي قسط حج پورٽل يا پاڪ حج ايپ ذريعي جمع ڪرائي سگهجي ٿي.
پانڌيئڙن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ادائيگي کان اڳ ميڊيڪل فٽنيس سرٽيفڪيٽ پڻ اپلوڊ ڪن.

You might also like