اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) وچ ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪندڙ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ کيس ٻڌايو هو ته مطالبا مڃڻ جي صورت ۾ هو لانگ مارچ ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
آچر ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هن پي ٽي آءِ اڳواڻن کان پڇيو هو ته ڇا هو لانگ مارچ ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهن، جنهن تي کين ٻڌايو ويو ته مطالبا مڃڻ جي صورت ۾ لانگ مارچ ختم ڪري سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته آچر جي صبح فجر جي نماز وقت وزيراعظم شهباز شريف سان رابطو ڪيو ۽ صبح 6 وڳي ساڻس ملاقات لاءِ ويو.
مولانا فضل الرحمان موجب، وزيراعظم کيس ٻڌايو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عمران خان سان ملاقات ڪرائي ويندي ۽ سندس علاج به ڪرايو ويندو.
وزيراعظم اهو پڻ چيو هو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪنهن نتيجي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
مولانا ٻڌايو ته وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ واپس اچڻ تي صبح ساڍي 9 وڳي کيس آگاهه ڪيو ويو ته وزيراعظم سفارشون ڪابينا آڏو پيش ڪندو، جيئن انهن جي منظوري حاصل ڪري سگهجي.
مولانا فضل الرحمان دعويٰ ڪئي ته صبح ساڍي 10 وڳي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار فون ڪري کيس ٻڌايو ته وفاقي حڪومت خيبر پختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪري رهي آهي.
You might also like