پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا مان پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي 15 آفيسرن جون بدليون ڪيون ويون آهن، جن کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ذريعن موجب، گريڊ 21 جي اڪرام الله کي خيبر پختونخوا مان بدلي ڪري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. گريڊ 20 جي شاهد الله ۽ گريڊ 19 جي شاهه فهد کي به اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
اهڙيءَ ريت گريڊ 18 جي رٽائرڊ ڪئپٽن زبير خان، گريڊ 19 جي رٽائرڊ ڪئپٽن ميان عادل اقبال، گريڊ 18 جي وقار علي، گريڊ 21 جي عنبر علي خان ۽ گريڊ 18 جي رٽائرڊ ڪئپٽن ثناءُ الله خان کي به اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، گريڊ 20 جي سهيل خان، گريڊ 18 جي محمد احتشام الحق، محمد فهيم ۽ گريڊ 19 جي محمد عثمان کي به خيبر پختونخوا مان بدلي ڪري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ان کانسواءِ گريڊ 20 جي سهيل خان، گريڊ 18 جي محمد احتشام الحق ۽ محمد فهيم، گريڊ 19 جي محمد عثمان، رٽائرڊ ڪئپٽن سرمد سليم اڪرم ۽ گريڊ 19 جي شفيع الله خان کي به بدلي ڪري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
You might also like