ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر خان چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت غيريقيني واري صورتحال آهي، گورنر راڄ هجي يا ايمرجنسي، اهي مسئلي جو حل ناهن، پرامن احتجاج هر سياسي جماعت جو حق آهي ۽ سياسي عمل اڳتي وڌڻ گهرجي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي منعم ظفر خان چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جا واهپيدار وڌيا آهن، پر بجلي پيدا ڪرڻ وارا يونٽ ناهن وڌايا ويا.
هن اعلان ڪيو ته سڀاڻي ڪي اليڪٽرڪ جي هيڊ آفيس ٻاهران احتجاج ڪيو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته ڪي-4 منصوبي جي واڌاري واري ڪم دوران شهرين جي سهولت لاءِ متبادل رستا ٺاهيا وڃن.
You might also like